چنڊ گرهڻ

چنڊ گرهڻ

چنڊ گرهڻ

چنڊ گرهڻ

چنڊ گرهڻ

چنڊ گرهڻ (Lunar Eclipse): چنڊ گرهڻ موسمي ڦير گھير سبب سيارن ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ مخصوص حالت آهي، جڏهن ڌرتي ڪنهن خاص وقت دوران سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ ايندي آهي ته ان وقت چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. اصل ۾ چنڊ گرهڻ ٿيڻ وقت چنڊ ڌرتيءَ جي پاڇي مان گذرندو آهي، جنهنڪري سج جي روشني چنڊ تائين نه پهچندي آهي. ان وقت دوران ڪڏهن چنڊ مڪمل اونداهو ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ان جو ڪجهه حصو اونداهو ٿي ويندو آهي. چند جي اهڙيءَ حالت کي ’چنڊ گرهڻ‘ چئبو آهي.
چنڊ گرهڻ هميشه مڪمل چنڊ وارين راتين ۾ ٿيندي آهي. چنڊ گرهڻ ڪڏهن ٿوري وقت لاءِ ۽ ڪڏهن وري ڪجهه ڪلاڪن تائين به رهندي آهي. مڪمل چنڊ گرهڻ ڪنهن هنڌ تي چند منٽن لاءِ ئي ٿيندي آهي.
چنڊ گرهڻ جا مجموعي طور چار قسم ٿيندا آهن:
(1) جڏهن چنڊ زمين جي پاڇولي (Penumbra) واري حصي مان گذرندو آهي ته زمين جي پاڇي جي ڪري چنڊ جي مٿاڇري تي ڪجهه اوندهه ٿي ويندي آهي، جنـهنڪـري ان کـي مـبهـم يـا اڻ لـکـي چـنڊ گـرهـڻ (A Penumbral Eclipse) چيو وڃي ٿو.
(2) چنڊ جڏهن مڪمل طور زمين جي پاڇولي واري حصي جي ويجھو هوندو آهي ته ان کي مڪمل پينمبرا چنڊ گرهڻ (Total Penumbral Eclipse) چئبو آهي.
(3) چنڊ جو صرف اڌ حصو زمين جي پاڇولي (Umbra) جي ڪنهن حصي ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان کي ’اڌ چنڊ گرهڻ‘ (A Partial Lunar Eclipse) سڏبو آهي.
(4) جڏهن چنڊ جو مڪمل حصو ڌرتيءَ جي سامهون اچڻ ڪري ڍڪجي ويندو آهي ۽ ان تي سج جا ڪرڻا مڪمل طور نه پوندا آهن ته ان کي ’مڪمل چنڊ گرهڻ‘ چئبو آهي.
چنڊ گرهڻ وقت، چنڊ ۽ زمين جي وچ وارو مفاصلو ئي چنڊ گرهڻ جي عرصي (دورانيي) جو تعين ڪندو آهي. مڪمل چنڊ گرهڻ (Total Lunar Eclipse) وڌ ۾ وڌ ٻن کان ٽن ڪلاڪن تائين رهندي آهي. گرهن جي ڦير گھير سبب هر سال تقريباً ٻه ڀيرا چنڊ گرهڻ ضرور ٿيندي آهي.
تازو، سال 2011ع جي آخري چنڊ گرهڻ 10 ڊسمبر 2011ع تي شام جو 5 کان 10 وڳي تائين ڏٺي وئي.
چنڊ گرهڻ بابت عام ماڻهن ۾ ڪيترا وهم ۽ وسوسا عام آهن، جهڙوڪ: چنڊ گرهڻ وقت حامله عورت کي سڌو سمهڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ڇو ته پاسيري سمهڻ ڪري ٻار جي عضون تي اثر پوندو آهي وغيره. ان بابت اهو به وهم ڪندا آهن ته ڪا ڇُري چاقو يا ڪينچي وغيره حامله هٿ ۾ نه کڻي نه ته ٻار جي ڪن چپ يا ڪنهن ٻئي هنڌ وڍ پوندو. اها ڳالهه سائنسي طور قابل قبول ناهي.
اسلامي عقيدي موجب چنڊ ۽ سج گرهڻ وقت نماز پڙهي ويندي آهي، چنڊ گرهڻ واري نماز کي ’نماز خسوف‘ چئبو آهي، جيڪا ٻه رڪعتون مستحب آهي. سج گرهڻ جي نماز کي ’نماز ڪسوف‘ چئجي ٿو، جيڪا سنت مؤڪده آهي ۽ چار رڪعتون پڙهڻ افضل عمل آهي. باقي ڪنهن جي مرڻ يا جيئڻ سان سج ۽ چنڊ گرهڻ جو تعلق ناهي.
ٿر واري پاسي چنڊ گرهڻ جي اثر/ سُوتڪ کان بچڻ لاءِ ٿر واسي پاڻيءَ توڙي اناج ۾ ڊڀ وجهندا آهن ۽ چنڊ گرهڻ دوران ڪو به ڪم ڪار نه ڪندا آهن، نه ئي کاڌو کائيندا آهن.


لفظ چنڊ گرهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو